قومي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ايڪس تي پابندي ضروري هئي: گهرو کاتي جي رپورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزارت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي رپورٽ اسلام آباد ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
گهرو کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ درخواست خارج ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته درخواست گذار جو ڪو به بنيادي حق متاثر ناهي ٿيو، ايڪس جي بندش خلاف درخواست قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ ۽ ٻڌڻي جوڳي نه آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايڪس نه پاڪستان ۾ رجسٽرڊ آهي ۽ نه ئي پاڪستاني قانونن جي پاسداري واري معاهدي جو ڀائيوار آهي جڏهن ته ايڪس پليٽ فارم جي غلط استعمال بابت حڪومت گائيڊ لائنز جي پاسداري به نه ڪئي، حڪمن جي پاسداري نه ٿيڻ تي ايڪس تي پابندي مڙهڻ ضروري هو.
رپورٽ موجب، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ايڪس کان چيف جسٽس خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ اڪائونٽن تي پابندي جي درخواست ڪئي هئي پر ايڪس اختيارين درخواست نظرانداز ڪري ڇڏي ۽ اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، سهڪار نه ڪرڻ تي ايڪس خلاف ريگوليٽري ايڪشن سميت عارضي بندش جو جواز آهي ۽ حڪومت وٽ ايڪس جي عارضي بندش کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، انٽيليجنس ايجنسين جي درخواست تي گهرو کاتي ايڪس جي بندش جو حڪم جاري ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڪس جي بندش جو فيصلو قومي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، شدت پسنداڻن نظرين ۽ ڪوڙي ڄاڻ پکيڙڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب، ڪجهه شرپسند عنصرن طرفان امن امان کي نقصان رسائڻ سميت عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايڪس کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي، ٽِڪ ٽاڪ جي پاڪستاني قانون جي پاسداري واري معاهدي تي صحيح کانپوءِ پابندي ختم ڪئي وئي هئي.
گهرو وزارت ايڪس جي بندش خلاف درخواست خارج ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته ايڪس جي بندش آئين جي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي نه آهي.
ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس جي بندش بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.