سون جي قيمتن ۾ بنا بريڪ واڌ جو سلسلو جاري، هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ مسلسل واڌ جاري آهي، في تولي سون جي قيمت 22 سئو رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 51 هزار 9 سئو رپيا ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ ڏهه گرام سون 1887 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 215964 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالر واڌ بعد 2392 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.