” اهڙو ڪم ٻيهر نه ڪجان“ پي سي بي محمدعامر کي خبردار ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) طرفان فاسٽ بالر محمد عامر کي خبردار ڪيو ويو آهي.
رٽائرمينٽ واپس وٺڻ بعد قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ محمد عامر پي سي بي کي خاطري ڪرائي آهي ته ” بيٽنگ سي “ سيرو گيٽ ڪمپني سندس تصوير اڳتي پنهنجي اشتهاري مهم لاءِ استعمال نه ڪندي.
پي سي بي محمد عامر کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان حڪومت طرفان پي سي بي جي بيٽنگ ڪمپني سان معاهدي تي پابندي مڙهيل آهي انڪري هو اهڙي ڪنهن اشتهاري مهم جو حصو نه وٺي.
پي سي بي ترجمان موجب، عامر پي سي بي کي خاطري ڪرائي آهي ته اِهو پراڻو معاهدو هو، ڪمپني محمد عامر جي وڊيوز به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان هٽائي ڇڏيون آهن، ٿي سگهي ٿو عامر معاهدي جي رقم واپسي ڪندي معاهدو ختم ڪري ڇڏيو هجي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته محمد عامر خاطري ڪرائي آهي ته ڪمپني سندس وڌيڪ تصويرون اشتهاري مهم لاءِ استعمال نه ڪندي.
ٻئي پاسي اشتهار سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار محمد عامر تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن.
واضح رهي ته محمد عامر گذريل سال هڪ پرڏيهي ڪمپني سان سوشل ميڊيا تي پرموشن جو هڪ سال جو معاهدو ڪيو.
محمد عامر بيٽنگ( جوا) ڪمپني سان 60 پوسٽن جي پرموشن لاءِ هڪ ڪروڙ پنجويهه لک رپين جو معاهدو ڪيو هو.
فاسٽ بالر اِهو معاهدو رٽائرمينٽ دوران ڪيو هو ۽ ڪمپني طرفان هڪ ڏينهن اڳ محمد عامر جو پراڻو فوٽو شوٽ پنهنجي سوشل ميڊيا تي اڪائونٽس شيئر ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.