ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ويسٽ انڊين ڪپتان سنيل نارائڻ بابت اهم بيان ڏئي ڇڏيو

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊين ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان رومين پائول سنيل نارائڻ جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شموليت جي خواهش ظاهري ڪري ڇڏي آهي.
رومين پائول جو چوڻ آهي ته سنيل نارائڻ آخري عالمي ميچ 2019ع ۾ کيڏي ۽ گذريل سال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي، گذريل هڪ سال سنيل نارائڻ سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
سندس چوڻ هو ته مون نارائڻ جي ويجهن دوستن ذريعي پڻ پيغام پهچايا پر سنيل نارائڻ طرفان فلحال ان حوالي سان ڪا به اڳڀرائي سامهون ناهي آئي.
رومين پائول چيو ته مون پولارڊ، براوو، نڪولس پوران کي به چيو آهي ته هو ٽيم ۾ واپسي بابت سنيل نارائڻ کي راضي ڪن.
ويسٽ انڊين ڪپتان وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ نارائڻ کي راضي ڪري وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.