سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ اڄ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسمياتي ماهرن طاقتور اولهندي سسٽم تحت اڄ ڪراچيءَ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسمياتي ماهرن موجب، نار وارين رياستن کانپوءِ طاقتور اولهندو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيو ويو آهي ۽ اِهو سسٽم مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ تيز برساتن جو سبب بڻجي رهيو آهي.
موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ شام کان سسٽم جا اثر سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف ضلعن ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته سسٽم جي شدت خليجي رياستن واري نه هوندي.
ماهرن موجب، اڄ شام کان سڀاڻي منجهند جي وچ ڌاران سنڌ جي سامونڊي پٽي تي گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڏکڻ ۽ اوڀر سنڌ ۾ پڻ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.
موسمياتي ماهرن موجب، سسٽم سبب ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ خليجي رياستن جهڙي طوفاني برساتن جو امڪان ناهي، هتي 15 کان 40 ملي ميٽر تائين مِينهن وسڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.