گهرو وزير جو بجلي بلن جي اوور بلنگ ۾ ملوث عملي خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ اووربلنگ تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ۽ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
وفاقي وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ اووربلنگ ۾ ملوث عملي خلاف به بنا فرق جي ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اووربلنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته اووربلنگ غريب عوام تي ظلم جي برابر آهي، ان تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو، اووربلنگ ۾ ملوث عملو ڪنهن به رعايت جو حقدار ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته بجلي چوري جي واقعن تي ضابطو آڻڻ لاءِ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي حساس علائقن ۾ ايف آءِ اي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.
گهرو وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايف آءِ اي آفيسرن کي اوور بلنگ ۽ بجلي چورن خلاف 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.