پي ٽي آءِ جو شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شير افضل مروت جي سعودي عرب بابت ڏنل بيان کان لا تعلقي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت جي پرڏيهي سازش واري آپريشن ۾ سعودي عرب بابت بيان تي تحريڪ انصاف لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿي.
ترجمان موجب، شير افضل مروت جو سعودي بابت بيان پي ٽي آءِ جي حڪمت عملي جو حصو ناهي، بيان شير افضل جي ذاتي راءِ سمجهي وڃي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو انتهائي ويجهو ۽ اعتماد واري اسلامي ملڪن مان هڪ آهي، سعودي حڪومت ۽ پاڪستان جي ويجهڙائي پي ٽي آءِ باني ۽ قيادت احترام جي نظر سان ڏسي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.