بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال، 8 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، کنوڻ ۽ ڇتيون ڪرڻ جي واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب 132 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ رستا به متاثر ٿيا آهن.
ترجمان موجب، متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان ڄاڻڻ لاءِ سروي به ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.