ڪهڙو بالي ووڊ اداڪار پهريون بيرو هو ۽ ٽيڪسي هلائيندو هو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار پنهنجي ماضيءَ بابت انڪشاف ڪيو ت اداڪاريءَ جي شعبي ۾ اچڻ کان اڳ هو ٻاهرين ملڪ ۾ ٽيڪسي هلائيندو هو ۽ هوٽل تي بيري جي نوڪري به ڪري چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ رنديپ هوڊا انڪشاف ڪيو ته پنهنجي پڙهائي جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ هن آسٽريليا جي ميلبورن ۾ ٽيڪسي هلائي پورهيو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 90 واري ڏهاڪي ۾ هن ٽيلسي ڊرائيو ڪئي ۽ ان ڪم ۾ هو ڏاڍو ماهر هو.

هن چيو ته کيس رستن جي ڄاڻ هجڻ سان گڏ خبر هئي ته ڪٿي کيس گھڻا مسافر ملندا، نائيٽ ڪلب ڪڏهن کلندا ۽ ڪڏهن بند ٿيندا ۽ ماڻهو ڪنهن وقت آفيسن مان نڪرندا، ان سان کيس ٻين ٽيڪسي هلائيندڙن جي ڀيٽ ۾ گھڻو فائدو ٿيندو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن هڪ چيني هوٽل تي بيري جي نوڪري به ڪئي.

هن جو چوڻ آهي ته کيس ان وقت مستقبل نه پيو نظر اچي، پر نه ان وقت کيس ڊپ ٿيو نه هاڻي هو ڊڄي ٿو ڇاڪاڻ ته هو جٽ آهي ۽ سندن خيال هوندو آهي ته جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.