غزا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ ٻار مارجي يا زخمي ٿئي ٿو: يونيسيف

غزا ( م ڊ)  ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جو چوڻ آهي ته فلسطين جي قبضي واري علائقي غزا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ ٻار مارجي يا زخمي ٿي رهيو آهي، يونيسيف جي ڪميونيڪيشن اسپيشلسٽ  ٽيس انگرام، جيڪا تازو ئي غزه جي دوري کان واپس آئي آهي، جنيوا ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته غزه جي جنگ ٻارن کي بُري طرح متاثر ڪري رهي آهي.ٽيس انگرام چيو ته 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي غزا ۾ 12 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. هن چيو ته غزا ۾ هر روز لڳ ڀڳ 70 ٻارڙا زخمي ٿي رهيا آهن، غزا مان مريضن کي ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ فوري جنگ بندي جي ضرورت آهي.ٽيس انگرام چيو ته غزه جي ٻارن جا چهرا جنگ جي وحشتن جي عڪاسي ڪري رهيا آهن ۽ غزا جي ٻارن کي معذوري ۽ موت کان بچائڻ جو واحد رستو دائمي جنگ بندي آهي.واضح رهي ته غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جارحيت ۾ 33 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، شهيدن ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن، جڏهن ته زخمي ٻارڙن جو انگ 12 هزار کان وڌيڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.