سنڌ سرڪار خريف ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر): سنڌ سرڪار سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيستائين گليشيئر ڳرندو، تيستائين اسان جي آبپاشي نظام کي ضرورت کان گهٽ پاڻي ملندو.  اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي ۽ زراعت کاتي جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته موسمي تبديلين سبب فصلن جو طريقو ۽ پاڻي جي موجودگيءَ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آبپاشي ۽ زرعي ماهرن سان به مشاورت ڪئي وڃي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙا فصل پوکجن جيڪي گهٽ پاڻي سان وڌيڪ پيداوار ڏين. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي زراعت کي ڊريپ ۽ اسپري ڪلر تي ترقي ڏيارڻي پوندي، زراعت کاتو پنهنجي تحقيقي مرڪزن کي فعال ڪري نئين فصلن جي حوالي سان حڪومت جي مدد ڪري. هن چيو ته زراعت کاتو اهڙا فصل متعارف ڪرائي جيڪي زرعي پيداوار وڌائي ملڪي معيشت کي سهارو ڏين. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته مطالعو ڪيو وڃي ته ايندڙ 10 سالن ۾ صوبي کي ڪيترو پاڻي ملندو ۽ ان جا زراعت تي ڪهڙا اثر پوندا. وڏي وزير چيو ته زرعي ترقي لاءِ سائنسي بنيادن تي عالمي بئنڪ کان مدد ورتي وڃي. وڏي وزير سنڌ جي چيف سيڪريٽري  کي هدايت ڪئي ته آبپاشي ۽ زراعت کاتي جا اجلاس گهرائي کيس تجويزون ڏنيون وڃن. اجلاس ۾ آبپاشي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري آبپاشي ظريف ڪيريو ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.