ملير جي عدالت ۾ راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٻي درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مليرجي عدالت ۾ تحريڪ انصاف پاران راڻا ثناءُ الله  جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ٻي درخواست داخل ڪئي .ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست پي ٽي آءِ لائرز فورم سنڌ جي نائب صدر خالد محمود ايڊووڪيٽ داخل ڪئي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله جو انٽرويو ڪيترن ئي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي ٻڌو، انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ جي باني کي مارڻ  جي ڌمڪي ڏني آهي. ملير سٽي پوليس کي هدايت ڪئي وڃي ته راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. درخواست ۾ ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او ملير کي ڌر ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ راڻا ثناءُ الله خلاف پي ٽي آءِ جي ظهور محسود جي درخواست رد ڪئي وئي هئي.

  • سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن جي سرڪاري خرچن جي تفصيل لاءِ درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 2018ع کان 2022ع تائين قومي اسيمبلي جي ميمبرن سرڪاري خرچن تي ڪيترا پرڏيهي دورا ڪيا؟سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف شهري   اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي .درخواست ۾ تفصيل وٺڻ  لاءِ درخواست 11 مارچ 2022ع تي قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي هئي. درخواست ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سرڪاري خرچ تي 2018ع کان 2022ع تائين جي پرڏيهي دورن جا تفصيل طلب ڪيا ويا هئا.درخواست ۾ اسپيڪر ۽  ڊپٽي اسپيڪر جي مراعتن جي تفصيل به طلب ڪئي وئي هئي. درخواستگذار شهري عامر بلوچ پنهنجي موقف ۾ چيو ته  معلومات تائين رسائي هر پاڪستاني شهري جو بنيادي حق آهي. قومي اسيمبلي پاران منهنجي درخواست تي ڪو جواب نه ڏنو ويو ، پاڪستان انفارميشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي معلومات فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پر ٻه سال گذرڻ باوجود پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل نه ٿيو آهي. عامر بلوچ چيو ته  فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ انفارميشن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ داخل ڪيل  درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.