صدر آصف زرداري سان سعودي پرڏيهي وزير جي ملاقات، اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( م ڊ ) صدر آصف علي زرداري سان سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اقتصادي تعاون کي  وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ سعودي پرڏيهي وزير وفد سان گڏ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ سعودي وزير جن ۾ پاڻي، زراعت، صنعت، معدني وسيلا، سرمائيڪاري، سعودي خصوصي ڪميٽي جي سربراهه ۽ توانائي واري وزارت، سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.پاڪستاني وفد ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، نجڪاري وارو وزير عبدالعلييم خان، پيٽروليم ۽ آبي وسيلن وارو وزير مصدق ملڪ، رانا تنوير حسين ۽ اعليٰ سرڪاري اختياريون به شامل هيون.ملاقات دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب مضبوط ڀائيواري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پراڻا ۽ ڏهاڪن کان پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي. آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته اسلامي دنيا جي خوشحالي سعودي عرب جي ترقي سان جڙيل آهي، سعودي عرب پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو.  صدر آصف زرداري خادمين حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڌرين علائقائي، صورتحال، وچ اوڀر ۾ تازي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن فوري ۽ غير مشروط جنگبندي ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.سعودي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان مضبوط ڀائيواري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني پرڏيهين جي ڪردار جي به تعريف ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.