فواد چوڌري جي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

لاهور (م ڊ ) آءِ جي پنجاب ۽ صوبائي حڪومت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ فواد چوڌري جي خلاف ڪيسن جي تفصيلن لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پنجاب حڪومت جا وڪيل، آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت جي پڇاڻي تي پنجاب حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته فواد چوڌري جي خلاف 40 ڪيس داخل هئا، 4 ڪيس ختم ڪيا ويا آهن، هاڻ 36 ڪيس رهجي ويا آهن. آءِ جي پنجاب عدالت کي آگاهه ڪيو ته فواد چوڌري جي خلاف 36 ڪيس داخل هئا 4 مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي جنهن تي عدالت پڇيو ته ڇا ان کان علاوه ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد نه آهي؟ عدالت جي پڇاڻي تي آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته انهن ڪيسن کان علاوه فواد چوڌري ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد نه آهي. آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو ته فواد چوڌري انهن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت داخل ناهي ڪئي جنهن تي عدالت پڇيو ڇا اوهان کيس عبوري ضمانت داخل ڪرڻ جو موقعو ڏيندو؟ جنهن تي آءِ جي پنجاب چيو ته جي اسان انهي کي موقعو ڏينداسين. عدالت فواد چوڌري کي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ جي لاءِ هڪ هفتي جو ٽائيم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.