فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جنرل فيض حميد کي بچائيندي شهباز شريف کي ڌرڻي جو ذميوار قرار ڏنو: امداد سومرو

اسلام آباد( عوامي آواز نيوز): فيض آباد ڌرڻي متعلق رپورٽ جوڙڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي منظوري سان جوڙيل فيضل آباد ڌرڻو ڪميشن پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، نامياري سياسي تجزيه ڪار امداد سومرو جو چوڻ آهي ته ڪميٽيءَ جا تفصل اها ڳالهه وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته هن وقت ملڪ جي وزير اعظم شهباز شريف کي فيض آباد ڌرڻي جو مکيه ذميوار قرار ڏنو ويو آهي جيڪو ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هيو، تجزيه ڪار امداد سومرو موجب فيض آباد ڌرڻي جي اهم ڪردار فيض حميد کي بچايو ويو آهي ۽ ان کي بچائيندي بچائيندي شهباز شريف کي اصل ذميوار قرار ڄاڻايو ويو آهي. پڌري ڪيل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سپريم ڪورٽ شهباز شريف کي سپريم ڪورٽ سڏائي آڏي پڇا ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.