پولارڊ پانڊيا کي ڀارت جو عظيم ترين آل رائونڊر قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڪيرون پولارڊ ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردِڪ پانڊيا کي سندس ڪپتاني تي تنقيد جو نشانو بڻائڻ وارن تي ڪڙڪي پيو.
آءِ پي ايل جي 17 هين ايڊيشن دوران ممبئي انڊينز جي ڪپتاني ملڻ کانپوءِ هاردڪ پانڊيا لاءِ هر شئي ئي خراب رهي آهي، پوءِ کڻي سندس بالنگ هجي، بيٽنگ هجي، ڪپتاني هجي يا وري وقت تي صحيح فيصلا ڪرڻ.
هن چيو ته ڀارتي تماشائين کي اِهو لڳي ٿو ته روهت شرما کي ئي ممبئي انڊينز جي ڪپتاني ڪرڻ گهرجي.
پولارڊ تنقيد ڪرڻ وارن کي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته اِها وقت وقت جي ڳالهه آهي، مون کي نٿو لڳي ته ان سان پانڊيا تي ڪو فرق پوندو، هو پنهنجي بُري وقت مان نڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيو آهي.
هن چيوته مان تنگ ٿي چڪو آهيان، ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، پانڊيا هڪ اهڙو پليئر آهي جيڪو ڇهن هفتن کان به گهٽ وقت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندو ۽ شوقين وري کيس سپورٽ ڪندا ۽ چاهيندا ته وقت اچڻ تي هو سٺو پرفارم ڪري.
هن چيو ته هو ڀارت جي عظيم ترين آل رائونڊرز منجهان هڪ آهي، هو بهترين بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ڪري سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته جڏهن هو فارم ۾ ايندو ته سڀ سندس واکاڻ ڪندي نظر ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.