سرڪاري ملازمن لاءِ عمر جو شرط، حڪومت وڏو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اهم مقررين لاءِ تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور جي پاليسي ۾ ترميمن جو فيصلو ڪندي 65 سالن تائين جي عمر جي حد ختم ڪرڻ جي سمري تيار ڪري ورتي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت اهم عهدن تي مقررين لاءِ عمر جي مٿين حد 65 سال جو شرط ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان سمري تيار ڪئي وئي آهي، حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميمن کانپوءِ نين مقررين لاءِ عمر جي ڪا مٿين حد نه هوندي، ان قدم سان اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيلز تي نين مقررين جو رستو کلندو، ترميمن کانپوءِ هاڻ 65 سالن جي عمر کانپوءِ به مقرري ٿي سگهندي ۽ موجوده مقرري ۾ به 65 سالن جي عمر کانپوءِ واڌ جي ترميم به سمري جو حصو آهي.
حڪومتي ذريعن موجب ان قدم سان باصلاحيت پيشيوراڻي ٽيڪنيڪي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، نين مقررين سان وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز جي صلاحيت ۾ بهتري آڻي سگهبي، ملڪ ۾ نئين ٽئلينٽ کي هٿي لاءِ 2019 جي پاليسي ۾ ترميمون ضروري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ گورننس جي نظام ۾ جدت آڻي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ترميمون تجويز ڪيون آهن، وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.