انوشڪا پاپارازيءَ کي نئين ڄاول پٽ جي تصوير ڪڍڻ نه ڏني

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي جي زال انوشڪا شرما پنهنجي ٻئي ٻار جي جنم جي ڪجهه ڏينهن بعد هاڻي ڀارت واپس پهچي چڪي آهي.

رپورٽس موجب انوشڪا ۽ ويرات ڪوهلي جي ٻئي ٻار جي پيدائش هن سال فيبروري ۾ لنڊن ۾ ٿي آهي، اڱاري جي ڏينهن جڏهن انوشڪا ڀارت پهتي ته هڪ پاپارازي پنهنجي انسٽاگرام هينڊل تي انوشڪا جي لنڊن کان واپسي ۾ نئين ڄاول پٽ جي تصوير رکي. ان موقعي تي انوشڪا شرما پاپارازي کي بار جي شڪل ڏيکاريندي چيو ته ڪو به ان جي تصوير نه ڪڍي.

انوشڪا شرما هنن سان واعدو ڪيو ته بعد ۾ هوءَ پنهنجي ٻارن کانسواءِ تصويرون ڪڍرائيندي.

واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي پهريٺي ڌيءُ واميڪا هاڻي ڇهن سالن جي ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.