36 سالن جي ٽڪ ٽاڪر جو اوچتو لاڏاڻو، ڀيڻ مداحن لاءِ حاضر!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ سپر اسٽار ڪائل ماريسا روٿ 36 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جنهن کانپوءِ سندس ڀيڻ دلچسپ ۽ عجيب انڪشاف ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪائل ماريسا روٿ جي فوت ٿيڻ جي سندس گهرڀاتين طرفان تصديق ڪئي وئي آهي پر موت جو سبب سامهون ناهي آيو.

ڪائل ماريسا روٿ جي ڀيڻ انسٽاگرام پوسٽ ذريعي حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو.

پوسٽ ۾ هن چيو ته منهنجي ڀيڻ ڪائل ماريسا گذريل هفتي گذاري وئي. هڪ خاندان جي طور تي اسان اڃا تائين سمجهي رهيا آهيون ۽ فيصلو ڪري رهيا آهيون ته ڪيئن کيس ڀيٽا پيش ڪريون. اسان کي اڃا تائين خبر ناهي ته اسان سان ڇا ٿيو آهي. مون کي خبر آهي ته هن پنهنجي مزاح، ذهانت، خوبصورتي، ڳالهه ٻولهه سان ڪيترن ئي دلين ۾ جاءِ ٺاهي آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪائل بابت رابطو ڪرڻ چاهي ٿو ته آئون هتي ڳالهائڻ ۽ يادگيريون شيئر ڪرڻ لاءِ حآصر آهيان. مان اوهان کي هر شئي کان باخبر رکنديس جيئن ڪائل سوچيو هو. مون کي انهن ماڻهن جو افسوس آهي جيڪي ڪائل جي لاڏاڻي جي ڪري صدمي مان گذري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته مون کي خبر آهي ته منهنجي ڀيڻ پنهنجي خوبصورتي سان سڀني جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي هئي، هاڻي مان حاضر آهيان ڪير به رابطو ڪرڻ چاهي ته مان ان سان ڳالهائينديس ۽ ڏک ونڊڻ چاهي ته هر پوسٽ تي اينديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.