فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهڻ جي مهم هلندڙن خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ هدايت ڪئي آهي ته دهشتگردن کي ڪنهن به جاءِ تان فعال ٿيڻ نه ڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 264هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته افغانستان مان سرگرم دهشتگرد گروهه علائقائي ۽ عالمي سلامتي لاءِ خطرو آهن.
فورم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهي دهشتگرد گروهه پاڪستان ۽ ان جي اقتصادي مفادن خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن، اهي دهشتگرد گروهه خاص طور سي پيڪ خلاف پراڪسي طور ڪم ڪري رهيا آهن.
آرمي چيف ڪور ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن کي ڪنهن به جاءِ تان فعال ٿيڻ نه ڏيو، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سڄي قوم جي حمايت حاصل ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزا ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي مذمت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ نه گهٽي ته هڪ وڏو علائقائي تڪرار جنم وٺي سگهي ٿو.
عسڪري قيادت پاڪ فوج خلاف الزامن تي ٻڌل مهم کي رد ڪندي فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.