”منهنجي سهڻيءَ کي سالگرهه مبارڪ“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي پنهنجي زال سامعه آرزو جي سالگرهه جي موقعي تي ساڻس محبت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منهنجي سهڻي زال کي سالگرهه مبارڪ هجي.

هن سندس واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو مهربان ۽ خيال رکندڙ انسان آهي.

اهڙو پيغام هن ايڪس تي جاري ڪيو ۽ چيو ته مان ٿورائتو آهيان اوهان جو، اوهان منهنجي ڌيئرن جي پرورش ڪريو ٿيون، مون کي اميد آهي ته اوهان لاءِ نئون سال خوشيون آڻي.

(ايڪس سروسز تي بندش هجڻ سبب اصل پوسٽ شامل ناهي ڪئي وئي)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.