ڪراچي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور جي آمريڪا ڄائي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور پاران آمريڪا ڄائي عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.
ڪراچي جي سپر هاءِ وي تي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور پاران آمريڪي شهريت رکندڙ عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي.
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدار زين رئوف کي گرفتار ڪري عدالت مان ٻن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو.
پوليس جو چوڻ هو ته متاثر عورت ڏهه اپريل تي گاڏي بڪ ڪرائي هئي، عورت پوليس کي ڏنل بيان ۾ ٻڌايو ته ڊرائيور هلندڙ گاڏي ۾ پسٽل ڏيکاري زيادتي جي ڪوشش ڪئي.
متاثر عورت پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته رڙيون ڪرڻ تي ڊرائيور پاران تشدد ڪيو ويو ۽ ڊرائيور گاڏي ڀڄائيندي اونداهي ۾ وٺي ويو، ان کانپوءِ يوٽرن وٺي گهر طرف گاڏي ڀڄائڻ لڳو.
پوليس جو چوڻ هو ته سوسائٽي ۾ سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جي قبضي مان گاڏي ۽ پسٽل هٿ ڪيو ويو، اهو واقعو ڏهه اپريل تي پيش آيو، جنهن جي شڪايت 13 اپريل تي گڏاپ جي سٽي ٿاڻي تي ڪئي وئي.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي گاڏي تي جعلي نمبر پليٽ لڳل آهي، جاچ ٽيم عدالت کان جوابدار جو ٻن ڏينهن لاءِ رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.