وزڊن سال جي پنج بهترين ڪرڪيٽرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزڊن طرفان سال جي پنج بهترين ڪرڪيٽرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، فهرست ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ نه ٺاهي سگهيو.
تفصيل موجب، ڪرڪيٽ جا انگ اکر شايع ڪندڙ معتبر رسالي وزڊن هلندڙ سال لاءِ پنج بهترين ڪرڪيٽرن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن م آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز کي سال جو بهترين ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو آهي.
ون ڊي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ڪپتان کانسواءِ ان فهرست ۾ انگلينڊ جي هيري بروڪ ۽ مارڪ ووڊ کي به شامل ڪيو ويو آهي.
آسٽريليا جي عثمان خواجا ۽ مچل اسٽارڪ پڻ وزڊن فائيو ۾ نالو لکرائڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن، جڏهن ته آسٽريليا جي ايش گارڊنر جو نالو به وزڊن فائيو ۾ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.