حڪومتي ادارن هزارين افغانين جي شهريت وارا ڪارڊ ختم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي ادارن هزارين افغانين جا شهريت وارا ڪارڊ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
افغاني پناهگيرن سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ وارو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو، پوليس جي ذريعن موجب حڪومتي ادارن 3 هزار 286 افغان پناهگيرن جي شهريت وارا ڪارڊ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊر جي ميپنگ مڪمل ڪري ورتي، جنهن ۾ پناهگيرن جا سمورا ڪارڊ جعلي هجڻ جو انڪشاف ٿيو، پنجاب ۾ 82 هزار 299، جڏهن ته اسپيشل برانچ 13 هزار 183 افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن جي ميپنگ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ 25 هزار 359 پرڏيهي رضاڪاراڻي طور تي واپس ويا آهن، 1139 پرڏيهين کي ڪارروائي ڪري واپس موڪليو ويو، لاهور مان 2494 پرڏيهي رضاڪاراڻي طور تي واپس ويا، جڏهن ته 29 پرڏيهين کي ڪارروائين ۾ واپس روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.