سلمان خان فائرنگ واقعي بعد پنهنجو گهر ڇڏي هليو ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) سلمان خان سخت سيڪيورٽي ۾ پنهنجو لگزري گهر ڇڏي هليو ويو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب گزريل ڏينهن ۾ سلمان خان جي گهر ٻاهر ٻن جوابدارن فائرنگ ڪئي جن کي گجرات جي ضلعي ڀوج مان گرفتار ڪيو ويو. ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري بعد ممبئي جي وڏي وزير سلمان خان ۽ سندس گهرڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ کين تحفظ جو يقين ڏياريو.

جڏهن ته وڏي وزير جي ملاقات کانپوءِ سلمان خان پنهنجي گهر مان نڪري ويو. سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سلمان خان پنهنجي لگزري گاڏي ۾ گهر مان سخت سيڪيورٽي سان گڏ نڪري ويو آهي.

واضح رهي ته سلمان خان واقعي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ڪو ڊپ ناهي، پبلسٽي اسٽنٽ تحت سندس گهر تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ هو گهر ڇڏي ڪاڏي نه ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.