”بيهو بيهو، مان پنجابڻ نه سنڌياڻي آهيان“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا تمنا ڀاٽيا واضح ڪيو آهي ته مان پنجابي نه سنڌي آهيان.
تمنا ڀاٽيا جي هڪ پراڻي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ ڪپل شرما جي شو ۾ شريڪ آهي ۽ پنهنجي نجي زندگي بابت ڳالهائي رهي آهي.
شو دوران ڪپل شرما تمنا بابت ٻڌائي ٿو ته ”هيءَ آهي ته پنجابڻ پر ڏکڻ فلمون گهڻيون ڪيون اٿائين“.
اهو ٻڌندي ئي تمنا چئي ٿي ته ”ڪپل بيهه، ائين ناهي ته مان پنجابي آهيان، نه مان پنجابڻ آهيان ۽ نه ڏکڻ سان واسطو رکان ٿي پر مان سنڌي آهيان“.
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”جيئن ڪپل مون کي پنجابي چئي ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو مون کي هر جاءِ تي اهو ٻڌائڻو پوندو آهي ته مان سنڌي آهيان“.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.