بنگلاديش مشتاق احمد جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اڳوڻي ليگ اسپنر مشتاق احمد کي بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو اسپن بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ مشتاق احمد جي مقرريءَ جو اعلان ڪيو.
مشتاق احمد زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ اسپن بالنگ ڪوچ طور بنگلاديش ٽيم کي جوائن ڪندو ۽ هلندڙ سال ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊيول آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پڄاڻي تائين ذميواري نڀائيندو.
مشتاق احمد بي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسپن بالنگ ڪوچ طور بنگلاديشي ٽيم جو حصو بڻجڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
ياد رهي ته اڳوڻو ليگ اسپنر مشتاق احمد ان کان اڳ پاڪستان سميت ڪيئي عالمي ٽيمن جي ڪوچنگ ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.