گهوٽڪي ۾ ظالم شخص جو ڌيئرن تي ڪهاڙي سان حملو، هڪ مارجي وئي، ٻه زخمي

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) سرحد ڀرسان مبينه طور پيءُ ڪهاڙي جا وار ڪري هڪ ڌيءُ کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيون.
سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلزار ڪورائي ۾ جوابدار علي محمد مبينا طور ٽن ڌيئرن صائمه، سيما ۽ صنم کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري وڌو.
پوليس موجب هڪ ناري دم ڏئي ڇڏيو، جنهن جو لاش ۽ زخمي نارين کي اسپتال نيو ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.