شاهه رخ خان پنهنجي نياڻي سوهانا خاطر اربين رپين جي رسڪ کڻڻ لاءِ تيار

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پنهنجي ڌيءَ سوهانا جي ڊيبيو فلم ” ڪنگ “ لاءِ اربين رپين جي جو رسڪ کڻي ورتو آهي.
سجوئي گهوش ۽ سڌارت آنن جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم لاءِ ٻه سئو ڪروڙ رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلم ۾ شاهه رخ خان به اهم ڪردار ۾ نظر ايندو ۽ لاڳيتو ٽي بلاڪ بسٽر فلمن کانپوءِ سندس ايندڙ فلم به عالمي معيار جي هوندي.
فلم ” ڪنگ “ کي عالمي معيار جو بڻائڻ لاءِ سڌارٿ آنند هالي ووڊ مان ڪيئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز جي ٽيم ڀارت آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي.
ڪنگ جي عڪسبندي هلندڙ سال مئي کان شروع ڪئي ويندي جيڪا ايندڙ سال سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.