واٽس ايپ جي اي آءِ فيچر سان تصوير کي گف ٺاهڻ سولو ٿي پيو

واٽس ايپ ۾ اي آءِ متعارف ٿيڻ سان واهپيدارن جي سهولت لاءِ دلچسپ فيچرز اچي ويا آهن.

رپورٽس موجب انهن فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ميٽا اي آءِ کولي پوءِ چيٽ انٽرفيس ۾ وڃي نيري دائري جي آئڪن تي ڪلڪ ڪبو. چيٽ ۾ اي آءِ کي ٽيگ ڪبو @MetaAI لکبو، تصوير جي درخواست ڪرڻ کانپوءِ پرامپٽ ۾ اي آءِ کان پنهنجي مرضي جي تصوير ٺهرايو.

تصوير تيار ٿيڻ کان پوءِ اي آءِ کي اينيميٽ ڪرڻ لاءِ چئو، ان پرامپٽ کانپوءِ ميٽا اي آءِ تيار ڪيل تصوير کي GIF بڻائي ڇڏيندو.

واضح رهي ته سڌي ريت ميٽا اي آءِ کي GIF ٺاهڻ لاءِ نٿا چئي سگهو. پهريون پرامپٽ تي تصوير تيار ڪرڻ لاءِ درخواست ڪبي پوءِ ان کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ درخواست ڪرڻ گهربل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.