ايلون مسڪ جو ايڪس واهپيدارن کان فيس وٺڻ جو اعلان

سيپٽمبر 2023 ۾ ايلون مسڪ امڪان ظاهر ڪيو هو ته هر مهيني واهپيدارن کي فيس ڏيڻي پوندي. ان کانپوءِ آڪٽوبر 2023 ۾ نيوزيلينڊ ۽ فلپائن ۾ هڪ نئين سبسڪرپشن پروگرام جي شروعات ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي نئين اڪائونٽ ٺاهڻ واري کي فون نمبر جي تصديق گهربل آهي، جڏهن ته پوسٽ، لائيڪ، ريپلاءِ، ري پوسٽ ۽ بڪ مارڪس جهڙن فيچرز کي استعمال ڪرڻ لاءِ سالانو فيس هڪ ڊالر ادا ڪرڻ گهربل هوندي آهي.

رپورٽس موجب ايلون مسڪ ”ايڪس“ جي ان پروگرام کي سڄي دنيا تائين وڌائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جنهن جو مطلب ته واهپيدارن کي بنيادي فيچرز جي استعمال لاءِ فيس ادا ڪرڻي پوندي. ايلون مسڪ هڪ پوسٽ جي جواب ۾ ان ڳالهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. پوسٽ ۾ هن لکيو آهي ته ايڪس پاران سڄي دنيا ۾ نون واهپيدارن کي پوسٽ، لائيڪ، بڪ مارڪ ۽ ريپلاءِ جهڙن فيچرز کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٿوري فيس ڏيڻي پوندي.

ايلون مسڪ ان پوسٽ جي ريپلاءِ ۾ چيو ته اهو ايڪس تي بوٽس جي روڪٿام جو رستو آهي. هن اهو نه بڌايو ته فيس ڪيتري هوندي پر نيوزيلينڊ ۽ فلپائن ۾ ناٽ اي بوٽ نالي پروگرام واهيپدارن کان هر سال هڪ ڊالر وصول ڪندو.

نون واهپيدارن کان فيس وٺڻ جي امڪان کان اڳ ايلون مسڪ گذريل ڏينهن اسپام بوٽس جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو هو. اهو واضح ناهي ته ڪڏهن کان فيس وصول ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.