موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو اڄ رات کان ڏکڻ اولهه بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي اثر هيٺ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات پوندي.
پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل تازي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته اڄ رات کان هڪ ٻيو اولهه هوائن جو سلسلو ڏکڻ اولهه بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان سسٽم جي اثر هيٺ 18 اپريل تي ڄامشوري، دادو، نوشهري فيروز، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، سجاول، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ضلعن ۾ برسات پ وندي.
پي ڊي ايم اي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 17 اپريل جي رات ۽ 18 اپريل تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.