نواز شريف ۽ مريم نواز ماني جو اگهه جاچڻ لاءِ مارڪيٽ پهچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ۽ وزيراعليٰ مريم نواز ماني جي قيمت پڇا ڪرڻ لاءِ تندور واري وٽ پهچي ويا.
نواز شريف ۽ مريم نواز تندور جي دڪانن تي پهچي اگهه معلوم ڪيا، ٻنهي ريٽ لسٽن جو معائنو ڪندي دڪاندارن کي ريٽ لسٽ لڳائڻ جي هدايت ڪئي.
ان موقعي تي نواز شريف چيو ته هو پنجاب ۾ ماني جا اگهه معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ وزٽ ڪندو رهندو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي حڪومت اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ماني به سستي ڪئي هئي ۽ نئين قيمت 16 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.