فيشن ميگزين تي تبو کي بدصورت انداز ۾ پيش ڪرڻ جا الزام

ممبئي(ويب ڊيسڪ) مشهور فيشن ميگزين ووگ تي ڀارتي عوام پاران بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا تبو کي بدصورت انداز ۾ پيش ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي.

رپورٽس موجب تازو تبو ووگ ميگزين لاءِ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي ۽ ميگزين جڏهن انسٽاگرام تي تصويرون رکيون ته ڀارتي عوام پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

فيشن ميزگين پاران اداڪارا جون تصويرون پوسٽ ڪرڻ کانپوءِ واهپيدارن پاران ووگ کي اهي تصويرون ڊيليٽ ڪرڻ جو چيو. ڪمينٽس ۾ ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

رپورٽس موجب واهيپدارن چيو ته تبو ڀارت جي خوبصورت ترين اداڪارا آهي کيس بدصورت ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ماڻهن تصويرون ڊيليٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته ماڻهن جي ردعمل تي تبو يا ووگ ميگزين پاران اڃا تائين ڪجهه به نه چيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.