ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن شاهه رخ خان جي دِل تي ڪنهن جو راڄ آهي؟

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ان فنڪار جو نالو ٻڌائي ڇڏيو آهي جيڪو سندس دِل تي راڄ ڪري ٿو، جنهن جو هو پاڻ مداح آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شاهه رخا خان پنجابي سپر اسٽار دلجيت دوسانجهه کي پنهنجو پسنديدا ترين اداڪار قرار ڏئي سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
تازو ئي دلجيت دوسانجهه جي فلم ” امر سنگهه چمڪيلا “ رليز ٿي جنهن ۾ ويجهڙائي ۾ شاديڪندڙ اداڪارا پرينيتي چوپڙا مک ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ فلم جي مشهوري لاءِ فلم جي مرڪزي ڪاسٽ دلجيت دوسانجهه، پرينيتي چوپڙا ۽ هدايتڪار امتياز علي ڀارتي ٽي وي شو ” دي گريٽ انڊين ڪپل شو“ ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام دوران امتياز علي انڪشاف ڪيو ته هڪ ڀيري شاهه رخ خان کيس چيو هو ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ سڀ کان سٺو اداڪار آهي ته اهو دلجيت آهي.
امتياز علي اِهو به چيو ته جيڪڏهن دلجيت دوسانجهه امر سنگهه چمڪيلا ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي نه ڀري ها ته هيءَ فلم ڪڏهن به نه ٺهي سگهي ها.
ياد رهي ته امر سنگهه چمڪيلا تازو ئي نيٽ فلڪس تي رليز ٿي آهي، جيڪا پنجاب جي هڪ سپر اسٽار راڳي ” امر سنگهه چمڪيلا “ جي زندگي تي ٻڌل آهي، جنهن کي 27 ورهين جي عمر ۾ قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.