شاهينن جو ڪيويز سان ٽڪر، رضوان ۽ نسيم ڪهڙا رڪارڊ ٽوڙي سگهن ٿا؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ۽ انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهيندڙ فاسٽ بالر نسيم شاهه نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان اڳ رڪارڊن تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن.
محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بابر اعظم ۽ ويرات ڪوهلي جي تيز ترين 3 هزار رنسن جو رڪارڊ ٽوڙڻ جي ويجهو آهي، ٻنهي بيٽرن اِهو ڪارنامو 81 اننگز ۾ انجام ڏنو هو.
محمد رضوان 78 اننگز ۾ 2 هزار 981 رنسن سان تيز ترين 3 هزار رنسن کان رڳو 19 رنسون پري آهي، جيڪڏهن وڪيٽ ڪيپر رڪارڊ ٽوڙي ٿو ته هو 3 هزار رنسون مڪمل ڪندڙ ٻيو پاڪستاني بيٽر بڻجي ويندو.
ٻئي پاسي فاسٽ بالر نسيم شاهه پنهنجي عالمي ڪيريئر ۾ هڪ وڏو اعزاز حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي هن 50 ميچن ۾ 98 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن جڏهن ته کيس سئو وڪيٽن جي ڪلب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ صرف ٻه وڪيٽون گهربل آهن.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 18 اپريل تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.