جي ميل جو نئون فيچر واهپيدارن جي مسئلي جو حل ثابت

گوگل پاران جي ميل ۾ هڪ نئين تجربي تي ڪم جاري آهي، واهپيدارن لاءِ وڏي مسئلي جو حل ثابت ٿي سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جي ميل ۾ مينيج سبسڪرپشنز نالي سيڪشن جي ميل جي موبائيل ايپ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، اهو سيڪشن ايپ جي سائيڊ بار ۾ موجود هوندو جنهن ۾ سبسڪرپشن ڪندڙ سمورين اي ميل ايڊريسز جو مواد شامل هوندو. واهپيدار اي ميل گروپس کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ به ونڊي سگهن ٿا جڏهن ته هر اي ميل ايڊريس ڀرسان سبسڪرائب بٽڻ موجود هوندو. ان سان واهيپدارن کي ڄاڻ ملندي ته ڪهڙي ايڊريس تان سڀ کان وڌيڪ نيوزليٽرز مليا آهن.

رپورٽ موجب اڃا ان فيچر تي ڪم جاري آهن جلد واهيپدارن جي سهولت لاءِ فراهم ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.