آئل ٽينڪرز ايسوسي ايشن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پيٽروليم شين جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آل ٽينڪرز اونر ايسوسي ايشن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پيٽروليم شين جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي.
آل ٽينڪرز اونر ايسوسي ايشن موجب، پيٽروليم شين جي سپلاءِ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به معطل رهندي، جڏهن ته هوائي اڏن تي به سپلاءِ بند ڪئي وئي.
ايسوسي ايشن ٻڌايو ته پي ايس او اختيارين پيٽرول ڀرائي جو نئون آٽوميشن نظام متعارف ڪرايو آهي، پي ايس او اختيارين ۽ ڊي سي کي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، ميٽرائزڊ سسٽم تحت ڀرائي وارو مطالبو مڃيو وڃي.
ان حوالي سان آل ٽينڪرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين شمس شاهواڻي چيو ته ڳڻتي واري صورتحال ۾ ملڪ، قوم ۽ حڪومتن سان گڏ آهيون، تمام ڊيپوئن کي سپلاءِ جاري رکڻ جو چيو آهي.
مير شاهواڻي مطالبو ڪيو ته بليڪ ميلنگ ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي پي ايس او موجب، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد سميت سموري ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي سپلاءِ جاري آهي، پي ايس او جا سپلاءِ آپريشن معمول موجب فعال آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.