سکر ۾ ست ڏينهن جي ”سنڌ ٿيٽر ميلو 2024“ جي شروعات

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ سکر آرٽس ڪائونسل گڏيل سهڪار سان سکر ۾ ست ڏينهن جو ”سنڌ ٿيٽر فيسٽيول 2024“ ڪيو جنهن جو افتتاح اڳوڻي سڌسماءُ جي وزير ۽ آرٽس ڪائونس آف پاڪستان ڪراچيءَ جي صدر احمد شاهه ڪيو.

ان موقعي تي سکر آرٽس ڪائونسل جو صدر ممتاز بخاري ۽ آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جو وائس چانسلر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ موجود هو. احمد شاهه ڳالهائيندي چيو ته اسان کي سمورا فرق ختم ڪري سنڌ جي هزارين راڻي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ گهرجي، اهڙا فيسٽيولز ڪري اسان پنهنجي ثقافت کي زنده رکون ٿا. هن چيو ته نوجوانن کي پڻ اهڙين سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي.

سکر آرٽس ڪا.ونسل جي صدر ممتاز بخاري چيو ته سنڌي ٿيٽر فيسٽيول ڪرائڻ جو بنيادي مقصد مقامي فنڪارن کي موقعو فراهم ڪرائڻ هو، اسان فنڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته اسان جا گڏ ٿين.

آرٹس کونسل کراچی کی جانب سے سکھر میں ہونے والے سات روزہ ”سندھ تھیٹر فیسٹیول 2024ء“ کے پہلے روز کے تھیٹر راء ڈیاچ میں فنکار اپنے فن کا مظاہرہ کر رہے ہیں - فوٹو: آرٹس کونسل کراچی

ست ڏينهن جي ٿيٽر فيسٽيول ۾ روزانو جي بنياد تي مختلف سماجي ۽ ثقافتي موضوعن تي ٿيٽر پيش ڪيا ويا، سنڌ ٿيٽر فيسٽيول ۾ وفا دلدار جي راءِ ڏياچ، دنيا مسافر خانو (مولا داد جتوئي)، آرٽيفشل(حسن عباس) توکان پوءِ(سليم راجا)، چانڊوڪي(زوهيب مهر)، ڪو زمانو به آيو آ(انصار مهر) ۽ حفيظ جمال جو زورآور زال شامل آهن.

سکر ۾ ٿيندڙ ست ڏينهن جي ٿيٽر فيسٽيول جي سمورن ڊرامن ۾ عوام جي انٽري مفت آهي. هي ميلو 21 اپريل تائين جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.