پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز، ڪيترائي رڪارڊ بابر اعظم جا منتظر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ جي مختصر ترين فارميٽ يعني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جا ڪيئي اهم رڪارڊ بابر اعظم جي جهوليءَ ۾ ڪِرڻ لاءِ تيار آهن.
تفصيل موجب، پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز خميس کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ بابر اعظم وٽ مختصر فارميٽ جا کوڙ سارا اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ جو موقعو موجود هوندو.
بابر اعظم کي يوگينڊا جي برين مسابا کان ڪپتان طور ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي جو رڪارڊ کسڻ لاءِ وڌيڪ ٽي ميچون کٽڻيون پونديون.
پاڪستاني ڪپتان هنيئر تائين 71 مان 42 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ٽيم کي فتح ڏياري چڪو آهي، جڏهن ته مسابا ڪپتان طور 44 ميچن ۾ يوگينڊا کي سوڀ ڏياري آهي.
اهڙي ريت ڪپتان طور بابر اعظم سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنسن جو رڪارڊ آسٽريليا جي ايرون فنچ کان کسڻ لاءِ وڌيڪ 42 رنسون گهربل آهن.
بابر اعظم ڪپتان طور ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ فلحال 65 ميچن ۾ 2 هزار 195 رنسون ٺاهيون آهن، جڏهن ته فنچ 2236 رنسون اسڪور ڪيون هيون.
ان سان گڏوگڏ هو ڪوهلي کي سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل رنز ۾ پوئتي ڇڏي سگهي ٿو، بابر اعظم هنيئر تائين 103 اننگز ۾ ٽي هزار ڇهه سئو اٺانوي رنسون اسڪور ڪيون آهن.
بابر اعظم هن وقت مختصر فارميٽ ۾ عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ واري معاملي ۾ ٽئين نمبر تي آهي.
ويرات ڪوهلي 109 اننگز ۾ چار هزار 37 رنسون ٺاهي پهرئين، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما 143 ميچن ۾ 3 هزار 974 رنسون اسڪور ڪري ٻئي نمبر تي آهي.
بابر اعظم کي ٽاپ تي پهچڻ لاءِ ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 340 رنسون ٺاهڻيون پونديون، ان صورت ۾ هو ڪوهلي ۽ روهت شرما ٻنهي کان اڳتي نڪري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.