ايف بي آر آفيسر اغوا، 10 ڪروڙ ڀنگ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي 18هين گريڊ جي آفيسر کي اغوا ڪيو ويو ۽ سندس آزادي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.
ايف بي آر جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رحمت الله کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو، سندس اغوا جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، سرڪاري آفيسر جي سالي جي درخواست تي پوليس ڪيس داخل ڪيو.
ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته رحمت الله 12 اپريل کان گم آهي، هو دوستن سان عيد ملڻ ويو ۽ واپس نه موٽيو، سندس فون به بند آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر آفيسر کي مبينا طور ڪچي جي علائقي مان اغوا ڪيو ويو، اغوا ڪندڙن سندس آزادي لاءِ وارثن کان 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.