پي سي بي ۾ اٿل پٿل شروع، اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي ٽٽي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اٿل پٿل شروع ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن ۽ اسڪروٽني ڪميٽي ٽٽي وئي.
ذريعن موجب، پي سي بي ۾ گذريل دور ۾ سياسي ۽ پنهنجا نوازيءَ جي بنياد تي ڀرتي ڪيل ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي 13 ميمبرن جا ڪانٽريڪٽ ختم ڪري ڇڏيا آهن، فارغ ٿيندڙن ۾ ٽي ڊپٽي اليڪشن ڪمشنر، ٽي اسسٽنٽ ٽو ڊپٽي اليڪشن ڪمشنر شامل آهن.
چيئرمين اسڪروٽني ڪميٽي ارباب الطاف جو به ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويو آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جي پنج ميمبرن سميت ايڊوائرز اليڪشن ڪميشن کي به گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ آفيسرن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.