ڪراچي ۾ ڏوهن جون وڌندڙ وارداتون، ايڊيشنل آءِ جي تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جاويد عالم اوڍي کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هو اڳ به ايڊيشنل آءِ جي جي عهدي تي ڪم ڪري چڪو آهي.
ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جاويد عالم اوڍي کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويندو.
جاويد عالم اوڍو اڳ به ايڊيشنل آءِ جي جي عهدي تي ڪم ڪري چڪو آهي، خادم حسين رند کانپوءِ عمران يعقوب کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.