ڪروڙن ۾ خريد ڪيل رانديگرن جي ڪارڪردگي ٻُڙي! آر سي بي تنقيد جي نشاني تي

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي 17 هين ايڊيشن ۾ لاڳيتو شڪستن جي ڪُن ۾ ڦاٿل رائل چئلينجر بئنگلورو جي فرنچائز تي تنقيد ٿيڻ لڳي آهي.
اسٽار ڪرڪيٽر ويرات ڪوهليءَ جي فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو کي گذريل ڏينهن هوم گرائونڊ تي سن رائزرز حيدرآباد 25 رنسن تان شڪست ڏئي تقريبن ٽورنامينٽ ۾ ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان جي ٽيم هن وقت پوائنٽس ٽيبل تي ست ميچن مان رڳو هڪ فتح سان ڏهين پوزيشن تي موجود آهي.
ٽيم جي ڪپتان فاف ڊوپليسي ۽ فرنچائز تي ڪيمرون گرين، الزاري جوزف، گلين ميڪسويل ۽ محمد سراج جي ڪارڪردگي سوال اُٿاريا پيا وڃن.
مداح سوال اٿاري رهيا آهن ته 47 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيل پليئرز بئنچ تي ويٺا آهن، جنهن ۾ ڪيمرورن گرين 17.5 ڪروڙ، الزاري جوزف 11.5 ڪروڙ، جڏهن ته گلين ميڪسويل 11 ڪروڙ ۽ محمد سراج 7 ڪروڙ رپين ۾ ريٽين ڪيا ويا آهن.
اهڙن مهانگن رانديگرن کي بئنچ تي ويهارڻ جي فيصلي سبب مداح ۽ تجزئي نگار سخت ڪاوڙ جواظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٽيم مئنيجمينٽ جي حڪمت عملي تي پڻ سوال اٿاري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.