سام سنگ گليڪسي ۾ اي آءِ ٽولز اچڻ جو امڪان

سمارٽ فون ۽ ڊيوائسز تيار ڪرڻ واري ڏکڻ ڪورين ڪمپني سام سنگ جي پراڻن ماڊلز ۾ اي آءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني جي عهديدار ٻڌايو آهي ته ايندڙ مهيني مئي تائين سافٽ ويئر اپڊيٽ ذريعي مختلف ڊيوائسز کي اي آءِ ٽولز جافيچرز فراهم ڪيا ويندا.

رپورٽ موجب 2021 کان سام سنگ ماڊل جي فونز ۾ اي آءِ جا ٽول استعمال ٿيندا. ايس 21، ايس 22 ۽ ايس 23 سميت انهن سيريز جي سمورن فونز ، ليپ ٽاپ ۽ ٽيبليٽس ۾ به اي آءِ فيچرز ڏنا ويندا.

فيچرز تحت ڪمپني گذريل ٽن سالن دوران پيش ڪندڙ ڊيوائسز ۾ گليڪسي اي آءِ فيچرز پيش ڪندي جيڪي نئين ڊيوائسز ۾ موجود آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آيه ته مختلف ڊيوائسز ۾ مختلف اي آءِ ٽولز هوندا، ڪجهه ڊيوائسز کي اپڊيٽ ۽ بهترين اي آءِ فيچرز فراهم ڪيا ويندا. ڪمپني ٻڌايو ته مئي جي مهيني تائين سمورن ڊيوائسز ۾ سافٽ ويئر اپڊيٽ ذريعي اي آءِ ٽولز فراهم ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.