پاڪستان جي سعودي عرب کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خاص سيڙپڪاري ڪائونسل سعودي عرب کي قومي ايئر لائن پي آءِ اي ۽ ايئر پورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سعودي وفد ايپڪس ڪميٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به خاص طور شريڪ هو.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي مهمانن جي آجيان ڪئي، ان دوران ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي سعودي وفد کي سيڙپڪاري منصوبن تي بريفنگ به ڏني.
ذريعن موجب سعودي وفد کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ سعودي وفد کي اسلام آباد ۾ ٻن فائيو اسٽار هوٽلن جي نجڪاري ۾ به جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي، هوٽلز لاءِ زمين سي ڊي اي جي هوندي، جڏهن ته سيڙپڪاري سعودي حڪومت ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد کي تجويز ڏني وئي ته سعودي حڪومت چاهي ته پاڻ هوٽل ٺاهي هلائي، جڏهن ته اجلاس ۾ وفد کي مٽياري ٽرانسميشن لائن ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي به آڇ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.