ٻه ڏينهن اڳ نڪاح ڪندڙ عاليا رياض ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپس اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني وومين ٽيم جي آل رائونڊر عاليا رياض نڪاح جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ٽريننگ ڪرڻ نيشنل اسٽيڊيم پهچي وئي.
ٻه ڏينهن اڳ عاليا رياض جو نڪاح اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر وقار يونس جي ڀاءَ سان ٿي هو جنهن کان ترت پوءِ هن پاڪستان ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي ۽ ٽيم سان گڏ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي.
ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم ٽن ڪلاڪن جو ڀرپور سيشن ڪيو جنهن ۾ فزيڪل ٽريننگ کانپوءِ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.