”عشق مرشد“ ڊرامي جي آخري قسط سينيما تي هلائڻ جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مشهور ڊرامي عشق مرشد جي آخري قسط کي ٽي وي جي بجائي وڏي پردي تي نشر ڪرڻ جو امڪان آهي.

عشق مرشد کي ٽي وي تي آڪٽوبر 2023 کان شروع ڪيو ويو جنهن جي پهرين قسط آڪٽوبر 2023 ۾ هلي جڏهن ته 14 اپريل 2024 تي ان جي آخري 28 قسط هلندي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ShowbizShowsha (@showbizshowsha)

هدايت ڪاري فاروق رند جي ڊرامي جي ڪهاڻي عبدالخالق خان لکي آهي ۽ ان ۾ درفشان سليم ۽ بلال عباس خان مرڪزي ڪردار اداڪيو آهي. پوسٽر به لڳي چڪا آهن جنهن ۾ 3 مئي تي سينيما ۾ آخري قسط ڏسڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.جڏهن ته فلم جي ٽيم پاران اهڙو ڪو اعلان ناهي ڪيو ويو نه وري ان خبر جي تصديق يا ترديد ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.