آءِ پي ايل بالرن لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي، ڪيئي رڪارڊ ٽٽي ويا

بئنگلورو( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) بالرن لاءِ ڀوائتو خواب بڻجي وئي، سن رائزرز حيدرآباد ۽ رائل چئلينجر بئنگلورو جي ميچ ۾ 549 رنسون ٺهي ويون.
ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾هي هڪ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسن جو نئون رڪارڊ ٺهي ويو، ان کان اڳ 523 رنسن جو رڪارڊ به آءِ پي ايل جي هلندڙ سيزن دوران ئي ٺهيو هو، جڏهن ته 27 مارچ تي ممبئي انڊينز ۽ سن رائزرز حيدرآباد جي ميچ ۾ 523 رنسون ٺهيون هيون.
گذريل رات کيڏيل ميچ ۾ سن رائزرز حيدرآباد پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 287 رنسون ٺاهيون، حيدرآباد جو اسڪور فرنچائز ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ۽ ٽي ٽوئنٽي جو ٻيو وڏو ٽيم ٽوٽل آهي.
جواب ۾ رائل چئلينجر بئنگلورو ست وڪيٽن جي نقصان تي 262 رنسون ٺاهيون، بئنگلورو جو اسڪور ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي ٻي اننگ ۾ ڪنهن به ٽيم جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي.
آءِ پي ايل جي هلندڙ سيزن دوران ٽيمون چار دفعا 250 کان مٿي اسڪور ڪري چڪيون آهن، جيڪو ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي هڪ ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيرا 250 کان وڌيڪ ٽوٽل ٺهڻ جو نئون رڪارڊ آهي.
2023ع ۽ 2022ع ۾ انگلينڊ جي ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ دوران 250 کان وڌيڪ رنسن جو ٽوٽل ٽي ڀيرا ٺهيو هو.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 8 وڏن ٽوٽلز مان 3 آءِپي ايل جي موجودا ايڊيشن ۾ ٺهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.