انگلينڊ جو عظيم ترين ڪرڪيٽر لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي ٽيسٽ تاريخ جي عظيم ترين اسپنر ڊيرڪ انڊرووڊ 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ليجنڊري اسپنر انڊر ووڊ 1966ع کان 1982 دوران 86 ٽيسٽ ميچن ۾ 297 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ پنهنجي سموري فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ڪينٽ طرفان کيڏي.
هن 17 ورهين جي عمر ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪيريئر ۾ 9 سئو کان وڌيڪ ميچون کيڏيون.
انڊر ووڊ 1963-1987 تائين رڳو 19.04 جي ايوريج سان 2523 وڪيٽون حاصل ڪيون.

انڊر ووڊ 1963-1987 تائين رڳو 19.04 جي ايوريج سان 2523 وڪيٽون حاصل ڪيون.
انڊر ووڊ 1963-1987 تائين رڳو 19.04 جي ايوريج سان 2523 وڪيٽون حاصل ڪيون

انڊر ووڊ انگلينڊ جي تاريخ ۾ ڇهون سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي.
اڳوڻي آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ موجب ، انڊر ووڊ سپٽيمبر 1969 کان آگسٽ 1973 تائين دنيا جي نمبر هڪ بالر رهيو.

انڊر ووڊ 1987 ۾ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي ۽ ڪينٽ جي نمائندگي ڪندي 3 ڪائونٽي چيمپيئن شپ، ٻه ون ڊي ڪپ، 3 نيشنل ليگ ۽ 3 بينسن اينڊ هيجز ڪپ کٽيا.
هن کي 1981 جي نئين سال جي اعزازي فهرست ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان خدمتن جي اعتراف طور ام بي اي ايوارڊ سان نوازو ويو .
انڊر ووڊ 2006ع ۾ ڪينٽ ڪرڪيٽ ڪلب جي صدر طور خدمتون انجام ڏنيون، 2008 ۾ کيس ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب جو صدر نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته 2009ع ۾ سندس نالو آءِ سي سي جي ڪرڪيٽ هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو هو.
ڪينٽ ڪرڪيٽ جي چيئرمين سائمن فلپ چيو ته ڪينٽ ڪرڪيٽ فيملي پنهنجي هڪ عظيم ترين رانديگر جي لاڏاڻي کانپوءِ سوڳوار آهي.
ڳوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.